منهنجي ٽڪ ٽاڪ وڊيو صحيح ڇو نه ٺاهيئي؟ وڏي ڀيڻ هٿان ننڍي ڀيڻ گولي هڻي قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وصبي پنجاب جي شهر گجرات ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ دوران ڀينرن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران وڏي ڀيڻ هٿان ننڍي ڀيڻ مارجي وئي.

گجرات جي تعلقي سراءِ عالمگير ۾ 29 ڊسمبر تي نبيل افضل پنهنجي ماءُ ۽ ٻن ڀينرن ماريا افضل ۽ صبا افضل سان گڏ پنهنجي پڦي ڏانهن ويو.

گهر جا سڀ ماڻهو ڳالهين ۾ رڌل هئا ته 19 سالن جي ماريا ۽ 14 سالن جي صبا ٻئي ڪمري ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهي رهيون هيون.

ان دوران گوڙ ٿيو جنهن تي گهر وارن معمولي ڳالهه سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيو.

اوچتو پسٽل جي گولي هلڻ جو آواز آهيو جنهن تي نبيل افضل سميت ٻيا گهرڀاتي ڪمري ڏانهن ويا جتي 14 سالن جي صبا رتو رت هئي.

صبا جي ڳچي جي هيٺان گولي لڳي هئي ۽ هو اسپتال نيئيندي رستي ۾ فوت ٿي وئي.

نبيل افضل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرائيندي پوليس کي ٻڌايو ته سندس ننڍي ڀيڻ صبا کي وڏي ڀيڻ ماريا ٽڪ ٽاڪ جي ڪري گولي هڻي ڇڏي آهي.

ڪيس جي متن موجب ٻنهي ڀينرن وچ ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جي ڪري تڪرار ٿي پيو ته ماريا ڪاوڙ ۾ اچي صبا کي گولي هڻي ڇڏي.

ڪيس جي جاچ آفيسر نصير احمد موجب پوليس طرفان جاچ جاري آهي پر هيل تائين جوابدار ناري جي گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

ڀينرن جي ڀاءُ نبيل چيو ته هو سڀ ڏک ۾ آهن ۽ معاملي کي ڊيگهه نٿا ڏيڻ چاهين، ڀيڻ جي تقدير ۾ موت لکيل هو.

پوليس موجب کين شڪ آهي ته امڪاني طور تي وڏي ڀيڻ ننڍي پيڻ تي ان لاءِ گولي هلائي ته هو ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺيڪ طريقي سان نه ٺاهي رهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.