الوداع 2023: نئون سال نيون اميدون..!

صاحب خان ڀٽي

2023سال سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ساڳيو ئي رهيو، 76 سال گذرڻ باوجود سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي حالتن ۾ ڪا به تبديلي نه رهي، سنڌ ۾ ٻين ملڪن مان آيل ماڻهن کي روزگار سميت سموريون سهولتون مليون ، پر مهراڻ جي ڪک مان جنم وٺندڙ اصلوڪن رهواسين کي پنهنجين حقن کان محروم رهڻو پيو،  ٽي آڪٽوبر 2023 تي افغانين سوڌو غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو ، کين پهرين نومبر تائين ڊيڊ لائين ڏني وئي ملڪيتون ۽ اثاثا پڻ ضبط ڪرڻ جو  اعلان ڪيو ويو ، ، نگران وزير اعظم انوار الحق جي صدارت هيٺ نيشنل ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا ،اجلاس ۾ آرمي چيف جرنل عاصم منير سميت صوبن جا نگران وڏا وزير ۽ مختلف ادارن جا سربراهه پڻ شريڪ ٿيا ، اجلاس ۾ ملڪ ۾ ترسيل غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ،31 آڪٽوبر تائين عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾پهرين نومبر  تي قانون کي حرڪت ۾ آڻڻ جو چيو ويو  ، وفاقي حڪومت سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پر ان  تي عمل نظر نه آيو، جڏهن پاڪستان حڪومت پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان وقت افغان دهشتگردن جون ڪارروايون تيز ٿي ويون ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو ويو، جنهن دوران ڪيترن ئي جوانن شهادت ماڻي پر ان باوجود پاڪستان جو افغانستان تي هلڪو هٿ رهيو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي افغانستان جهڙي دهشتگرد ملڪ جي ڪري پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، افغاني  دهشتگردن جي ڪري پاڪستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، پر ان باوجود پاڪستاني حڪومت  افغانين جي مهمانن وازي ۾رڌل آهي، پنجاب ۾حڪومتي فيصلي تي عمل ٿيو پر سنڌ ۾ ترسيل غيرقانوني افغانين خلاف ڪا به ڪارروائي نظر نه آئي، خاص طور تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ لکين افغاني ترسيل آهن، جن وڏا وڏا محل تيار ڪري ورتا آهن،ڪراچي ۾ موجود پهاڙن تي به انهن جا گهر ٺهيل آهن پر مجال آهي جو ڪوانهن جي گهر ڊاهڻ جي ڪوشش ڪري پر  جڏهن بي گهر ٿيل ٻوڏ متاثر سنڌين جو ذڪر ٿئي ته ان وقت  سڀ ادارن وٽ اختيار هوندو آهي ته انهن تي گوليون وسائين ياوري  انهن جا گهر ڊاهي ڇڏين پر انهن کان ڪو پڇڻ وارو نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ننڌڻڪا آهن، ڪراچي ۾ افغاني، بنگالي، بهاري   ۽ ٻين غير ملڪين کي  رهڻ جي اجازت آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ڪراچي اندر افغاني، ڪي پي ڪي جا پٺاڻ، پنجاب جا ماڻهو قبضا خوري ۾ ملوث آهن، جيڪي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي زمينن تي قبضو ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن پر انهن کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي، ادارا سنڌين جا قديمي ڳوٺ ڊاهن ته ان وقت ڪو به فيصلو نه ڏيندا آهن، جيڪڏهن ڪراچي ۾ گجر نالي،محمود آباد نالي ۽ ٻين هنڌن تي حددخليون ڪندڙن خلاف ڪارروايون ٿين ته ادارا انهن کي معاوضو ڏيڻ جو به حڪم ڏيندا آهن.

سنڌ ۾ گذريل سال 2023 ۾ ڪرپشن ۽ نااهلي  جي روش جاري رهي، حڪمرانن  جي اعلانن باوجود ٻوڏ متاثرن کي نه گهر ملي سگهيا نه ئي، وري تباهه ٿيل  روڊ ۽ اسڪولن جون عمارتون ٺهي سگهيون، ڏيڻ لاءِ 3-3 لک رپين ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو،پر ڏيڍ سال گذرڻ  باوجود گهرن جي اڏاوت ۽ مرمت وارو پراجيڪٽ سست رفتاري جو شڪار رهيو، جنهن سبب لکين متاثر گهر نه هئڻ سبب سخت پريشان رهيا، سنڌ ۾لکين ٻوڏ متاثر هينئر به سرڪار جي آسري تي ويٺل آهن،اهي  گذريل سال جيان هن، ڀيري به سخت سردي ۾کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن لکين متاثرن جا ته اڃان تائين اڪائونٽس ئي نه کلي سگهيا آهن.،حڪومت جي بدانتظامي جي ڪري ٻوڏ متاثر علائقن ۾اسڪولن جون عمارتون تباهه ٿيڻ بعد انهن اسڪولن جي بحالي نه ٿي سگهي ، جنهن سبب ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، تعليم کاتي جي رپورٽ موجب ٻوڏ سبب 7 هزار  503  اسڪول مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا ۽ 12 هزار 313 اسڪولن کي جزوي نقصان پهتو،  مجموعي طور تي 18هزار 869 ڪلاس روم مڪمل طور تباهه ٿي ويون، ۽ 37 هزار 7 ڪلاس رومز کي جزوي طور نقصان پهتو،اهڙي طرح  116 ارب رپين جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو هيو، پر ڏيڍ سال گذرڻ باوجود انهن اسڪولن جي بحالي نه ٿي سگهي آهي ، سال 2022ع ۾ ٻوڏ وڏي تباهي آندي، جنهن سبب 21 لک متاثرن جا گهر تباهه ٿي ويا هئا، سنڌ حڪومت متاثرن کي گهر ٺاهي، سڄو سال حڪمرانن جي بدانتظامي سبب مهانگائي جي ماريل سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين کي ڀاڻ به انتهائي مهانگي اگهه تي خريد ڪرڻو پيو، حڪومتي اعلانن ۽ سياسي ڌرين  جي احتجاج  باوجود هارين ۽ آبادگارن  کي بنيادي رليف به نه ملي سگهيو سنڌ ۾ ڀاڻ جو بحران سنگين رهيو، ڊيلر هارين ۽ آبادگارن، کي لٽيندا رهيا پر حڪومت نه بحران تي ضابطو آندو نه ئي، ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي، سنڌ ۾خانگي ادارن ۾ڪم ڪندڙ پورهتين جي گهٽ ۾گهٽ ماهوار اجرت 32 هزار مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي به مڪمل  طور عمل نه ٿي سگهيو، حڪومتي فيصلو رڳو اعلان تائين محدود رهيو. هڪ طرف خوراڪ کاتو ڪڻڪ جي خريداري جو 14 لک ميٽرڪ ٽن وارو ڪاٿو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته ٻئي پاسي وري سرڪاري گودامن مان اربين رپين جي ماليت جي ڪڻڪ جي چوري يا فراڊ وارو معاملو سڄو سال معمول بڻيل رهيو. 2022ع جيان 2023ع ۾خوراڪ کاتي جي خراب ڪارڪردگي رهي، 14 لک ميٽرڪ ٽن مان رڳو ساڍا 7 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي.

پاڪستان رينجرز سنڌ سال 2023 جي ڪارڪردگي جا انگ اک جاري ڪري ڇڏيا، رينجرز ۽ پوليس دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ ڀتاخوري خلاف 163 آپريشن ڪيا، مختلف ڪاررواين دوران هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ گهربل 197 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ، جوابدارن ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي، بي ايس اين، لشڪر جهنگوي ۽ ٻين تنظيمن جا دهشتگرد شامل آهن ، دهشتگردي خلاف 109 آپريشنز ڪري 151 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو ، ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف 19 آپريشنز ڪري 11 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو ، ڀتا خوري خلاف 32 آپريشن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي 30 ڀتا خورن کي گرفتار ڪيو ويو، اغوا خلاف ڪاررواين دوران 3 آپريشن ڪري 5 اغواڪارن کي گرفتار ڪيو ويو ، ڦر، اسٽريٽ ڪرائم، منشيات ۽ ٻين ڏوهن خلاف 708آپريشنز ۾ 2292 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، صوبي جي مختلف شهرن ۾ منشيات خلاف آپريشز ۾ سوين مڻ منشيات هٿ ڪئي وئي  غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف آپريشنز دوران 4437 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو  گرفتار جوابدارن مان 1329 جوابدارن کي بلوچستان حڪومت حوالي ڪيو ويو  بلوچستان حڪومت جي مدد سان 42 هزار 708 ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو  ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف 34 آپريشنز ۾ 132 جوابدارن کي گرفتار ڪري جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا  پاڻي چوري ۽ واٽر هائيڊرنٽس خلاف مجموعي طور تي 99 آپريشنز ڪيا ويا  آپريشنز ۾ 179 واٽر هائيڊرنٽس کي ڊاهي 177 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

گذريل سال 2023  ۾ مختلف حادثن، واقعن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ڪراچي ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ ڪيترائي شهري حياتي وڃائي ويٺا، جوهر موڙ تي شاپنگ مال کي لڳل باهه ۾ 11 شهري سڙي فوت ٿي ويا عائشا منزل تي مارڪيٽ کي لڳل باهه ۾ 4 شهري پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا شهر ۾ فائرنگ ۽ ڦر مزاحمت جي واقعن ۾ ڪيترائي شهري قتل ڪيا ويا  نوشهروفيروز ضلعي ۾ موٽروي ڪرپشن ڪيس سامهون آيو، جوابدار ملڪ مان فرار ٿي ويا  روڊ حادثن ۾ 22 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ڪيترائي قتل به ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ 11 ڄڻن آپگهات ڪيو، حيدرآباد ضلعي ۾ سال 2023ع ۾ 130 پوليس جا مبينا مقابلا ٿيا، ضلعي ۾ پهريون ڀيرو  پ پ جو ميونيسيپل ڪارپوريشن جو ميئر چونڊيو ويوڪنڌڪوٽ  ۾  مقابلن ۾ 13 پوليس اهلڪارشهيد،17 زخمي ٿيا، پروفيسر اجمل ساوند سميت 45 ڄڻا قبائلي تڪرارن جي ور چڙهيا، ضلعي مان  100 کان وڌيڪ ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو،مختلف حادثن ۾ 35 ڄڻن  جون حياتيون ضايع ٿيون،

ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ 100کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون، ضلعو ۾ منشيات وگهي 200 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون، سال ۾ ضلعي ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو ، پاڻي جا لڳل آر او پلانٽ به مڪمل طور تي ناڪارا بڻجي ويا عمرڪوٽ ضلعي ۾ 90 کان وڌيڪ آپگهات جا واقعا رپورٽ ٿيا، هلندڙ سال عمرڪوٽ ضلعي ۾  16 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا،  ، گهوٽڪي ضلعي ۾  4 قبيلائي تڪرارن ۾  هڪ معصوم ٻار سميت 32 ڄڻن جون جانيون ضايع  ڪيون ويون، خيرپور ضلعي ۾ مختلف واقعن حادثن برادري تڪرارن   سبب  110 کان وڌيڪ  ماڻهو  فوت ٿي ويا، سانگهڙ ضلعي ۾ مختلف جهيڙن ۽ حادثن ۾ 60 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيو ، 20 کان وڌيڪ ٿاڻن تي 26 سو کان وڌيڪ  مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا شهدادپور لڳ ٽرين حادثي ۾  ڪيترن ئي مسافرن جي زندگي جو سفر ختم ٿي ويو، منگلي ٿاڻي جي حد ۾ وحشي جوابدار ٻن نياڻين سميت زال کي ڪهي قتل ڪيو هو،

خيرپور ضلعي ۾  بي روزگاري معاشي تنگي  ۽ مهانگائي سبب 20 کان وڌيڪ نوجوان ڇوڪرن ڇوڪرين آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن مان  20 کان وڌيڪ لاش هٿ ايا  خيرپور ضلعي مان 10 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جو بي رحماني قتل اغوا ٿيل معصوم جعفر ڀٽو  ڊاسٽن ڊرائيور علي ڏنو جوڻيجو جا واقعا هاءِ پروفائيل  رهيا، دادو جي مختلف واقعن ۾ 80 ڄڻا قتل، 540 مرد عورتون ٻار موت جو کاڄ بڻجي ويا، حادثن ۾ 50 ماڻهون اجل جو شڪار، 550 زخمي ٿي پيا،آپگهات ڪندڙن جو انگ 25 رهيو، ڪارروائي  ضلعي ۾ حادثن سبب 48 ماڻهو فوت ۽ 400 زخمي ٿي پيا 58 ماڻهن پاران آپگهات جي ڪوشش جا واقعا پيش آيا، ، نوابشاهه ۾  پوليس 5 ڳوٺاڻا مارجي ويا،6 زخمي ٿيا هئا، مختلف واقعن ۾ 54 کان وڌيڪ ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا, 42 مسافر زخمي، ٽرين حادثي ۾ 30 کان وڌيڪ مسافر فوت، 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻِي جو هاسٽل اندر پراسرار نموني فوت ٿي وئي، ايم بي بي ايس جي آخري سال ۾ پرهندڙ شاگردياڻِي سنيها جوتي ڪيسواڻِي پِڙهن دوران  بيهوش ٿي وئي ، جيڪابعد ۾ فوت ٿي وئي هئي.

عالمي صورتحال تي نظر..ٰ!!

7 آڪٽوبر 2023 تي اسرائيل غزا تي بمباري ڪئي، *غزا ۾ پناهگير ڪئمپ اسرائيلي بمباري ۾ هر طرف تباهي جا منظر نظر آيا، 20 هزار کان وڌيڪ بي گناهه فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيل جي شهري آبادي ۽ اسپتالن کانپوءِ پناهگير ڪئمپن کي نشانو بڻايو ويو ،پرڏيهي ميڊيا موجب پناهگير ڪئيمپ تي آمريڪا جا ٺهيل هڪ ٽن جا 6 بم ڪيرايا ويا ، نيپال ۾ خوفناڪ زلزلو 140 ماڻهون فوت 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا عمارتون پت ٿي ويون ،  کٽمنڊو کان اولهه طرف وارن علائقن ۾ 6.4 جي شدت سان آيل زلزلي تباهي مچائي ڇڏي ، زلزلي ۾ عمارتون ملبي جو ڍير بڻجي ويون ڪيترائي ماڻهون اجل جو شڪار ٿي ويا، ڇهين آڪٽوبر 2023 تي ايران ۾ قيد ڪاٽيندڙ ۽ ڪوڙن جي سزا ٻڌايل نرگس محمد کي نوبل انعام لاءِ  نالو شامل ڪيو ويو  عورتن جي حقن جي علمبردار نرگس محمدي کي عورتن مٿان ظلم خلاف آواز  اٿارڻ تي انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو ،51 سالن جي نرگس 31 سال قيد جي سزا ڪاٽي رهي آهي 154 ڪوڙن جي به سزا ٻڌائي وئي هئي،نرگس محمدي 13 ڀيرا گرفتار ٿي چڪي ،5 ڀيرا سزا آئي ، نوبل ڪاميٽي پاران کيس آزاد ڪرڻ جو  مطالبو پڻ ڪيو ويو . 4 جنوري تي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪيو ويو، نيڊ پرائس جو چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي سبب گهڻو ڀوڳيو آهي ، پنهنجو بچاءَ ان جو حق آهي.  8 جنوري تي روس طرفان يوڪرين تي راڪيٽ جو حملو ڪيو ويو، 600 فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪئي.  جنوري تي جنيوا ۾ پاڪستان لاءِ ڊونرز ڪانفرنس  ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سعودي ۽ چين سميت مختلف ملڪن ۽ ادارن طرفان پاڪستان لاءِ 10 ارب ڊالر امداد جو اعلان ڪيو ويو.  10 جنوري  آمريڪا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ وڌيڪ 10 ڪروڙ ڊالر اضافي امداد جو اعلان ڪيو، آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ وڌيڪ 10 ڪروڙ ڊالر امداد ڏينداسين .، سعودي عرب پاڪستان جا ڊپازٽ 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو.، فلپائن ڄائي آمريڪي ناري مس يونيورس جو تاج ماڻي ورتو، 84 سندرين مان 28 ورهين جي پهرين فلپائني آمريڪي ناري بوني گيبرئيل سونهن راڻيءَ جو اعزاز ماڻيو. 19 جنوري تي  نيوزلينڊ جي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.  6 فيبروري ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، سوين عمارتون مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون، 26 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، 9 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. 8 فيبروري تي ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي بعد فوتگين جو انگ کان وڌي ٿي ويو، ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا،  26 فيبروري  تي اٽلي ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ٿي، 28 پاڪستانين سميت 58 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. 6 مئي 2023 تي *برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين کي تاريخي ڪنگ ايوارڊ پارايو ويو، ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ٿيل تقريب ۾ 100 سئو ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿيا.7 مئي2023 تي آمريڪا جي ٽيڪساس رياست ۾ جوابدار شاپنگ مال اندر فائرنگ ڪري 9 ڄڻن کي قتل ڪيو. 3 جون 2023 تي رجب طيب اردگان ٽيون ڀيرو ترڪيه جي صدر جو حلف کنيو.تقريب پاڪستان جي ان وقت جي وزيراعظم شهباز شريف سميت 21 ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿيا.4 جون تي  انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ڪرڪيٽ ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي، هو بئٽنگ، بالنگ ۽ وڪيٽ ڪيپنگ بنا ٽيسٽ مئچ کٽيندڙ واحد ڪپتان بڻيو.اسٽوڪس اهو اعزاز آئرلينڊ خلاف حاصل ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.