دنيا جي اميرن لسٽ جاري، ايلون مُسڪ وري ميدان ماري ورتو

آمريڪا جي گاڏيون ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني ٽيسلا جو مالڪ ايلون مُسڪ هڪ ڀيرو وري دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو.
بلومبرگ بلينيئر انڊيڪس موجب دنيا جي 500 امير ترين ماڻهن جي گڏيل دولت ۾ هن سال 1.5 ٽريلين ڊالرز کان وڌيڪ اضافو ٿيو جنهن ۾ گذريل سال 1.4 ٽريلين ڊالرن جي گھٽتائي ڏٺي وئي هئي.
ٽيڪ ٽائڪون ايلون مُسڪ جي دولت هلندڙ سال 90 بلين ڊالرز جي اضافي سان 232 بلين ڊالرن تائين پهچي وئي آهي.
بلوم برگ جي رپورٽ موجب ايلون مُسڪ جي دولت ۾ اضاصو ان جي ڪمپني ٽيسلا (اوٽوموٽو ڪمپني) ۾ سندس 1.95 سيڪڙو شيئرز جي ڪري ٿيو جنهن هن سال هيل تائين پنهنجو شاندار ڪاروبار ڪيو آهي ۽ دنيا جي سڀ کان مهانگاگي ڪار ساز ڪمپني سال جو واپار 248 بلين ڊالرز تي ختم ٿيو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 130 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
ان کانسواءِ مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) جي لاهن چاڙهن باوجود ايلون مُسڪ جي دولت ۾ اضافو ٿيو.
فرانس جي شاهاڻيون شيون ٺاهيندڙ ڪمپني ايل وي ايم ايڇ جي مالڪ برنارڊ ارنالٽ جي اثاثن ۾ 126 ملين ڊالر اضافو ٿيو جنهن کان سندس اثاثن جي ماليت 179 ارب ڊالر ٿي وئي آهي جيڪو ايلون مُسڪ کان پوءِ دنيا جو ٻيو امير ترين شخص آهي.
هوڏانهن ايمازون جي باني جيف بيزوس جي اثاثن ۾ 1.4 ارب ڊالرن جي گھٽتائي ٿي جنهن کان پوءِ هو 177 بلين ڊالرز جي گڏيل ماليت سان ٽين نمبر تي اچي ويو آهي.
ان لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي مائڪرو سافٽ جو باني ٻِل گيٽس آهي جنهن جي اثاثن ۾ سال 2023ع ۾ 217 ملين ڊالرن جو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ سندس گڏيل دولت 141 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.