ڪراچي (ويب ڊيسڪ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي هڪ رپيو به گڏ ڪندي ته ڪراچي جي ڪم ايندو.
ڪراچي جي ڊينسو هال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته هن وقت اسان ڪي ايم سي جي تاريخي عمارت ۾ موجود آهيون، ڊينسو هال 1886 ۾ قائم ٿيو.
هن چيو ته اسان ڪي ايم سي ۾ ڪجهه فيصلا ڪيا آهن، وسيم اختر جي آخري سال ڪي ايم سي جي آمدني 1.2 ارب رپيا ساليانو هئي، سال 2023 جي پهرين 6 مهينن ۾ 580 ملين جي آمدني ٿي، ايندڙ 5 مهينا پهرين جولاءِ کان 30 نومبر تائين ڪي ايم سي جي آمدني هڪ ارب رپيا ٿي.
سندس چوڻ هو ته وسيم اختر جي دور ۾ ماهوار سراسري آمدني 100 ملين اچي رهي هئي، اسان جي دور ۾ ماهوار آمدني تقريبن 200 ملين ٿي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته 980 ملين رپيا اسان پنهنجي ذريعن سان گڏ ڪيا، اسان ٽيڪسيشن جي نظام کي بهتر بڻائينداسين، پراميد آهيون ته ايندڙ 6 مهينن ۾ آمدني ۾ اڃا واڌ ڪنداسين، ڪي ايم سي جيڪو پئسو گڏ ڪندي، ان جو فيصلو چونڊيل ڪميٽي ڪندي.
You might also like