ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل علامه شبير حسين ميثمي چيو آهي ته 14 سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڪراچي ۾ عاشوري سانحي جي شهيدن جي وارثن کي انصاف ناهي ملي سگهيو، 14 سالن کان مظلوم انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن.
هن چيو ته بسري ڪوهستان سانحي، چلاس ۽ بابو سر ٽاپ ۾ جيئن هڪٻئي پويان سانحا ٿيا ۽ جيئن سڃاڻپ ڪري ظالماڻي طريقي سان هڪ خاص فرقي جي مسافرن کي شهيد ڪيو ويو، ظلم جو اهڙو مثال دنيا ۾ ڪٿي نٿو ملي، جنهن معاشري ۾ انصاف اڻلڀ ٿي وڃي، اهي معاشرا پٺ تي پئجي ويندا آهن.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، جنهن جو بنيادي سبب دهشتگردن جي نرسرين کي ختم نه ڪرڻ آهي، جنهن معاشري مان عدل ۽ انصاف هليو وڃي، اتي معيشت ۽ گهرو استحڪام به تباهه ٿي ويندو آهي، انصاف رياستن، معاشرن ۽ تهذيبن ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي، حڪمران عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن ۽ معاشري ۾ نفرت پکيڙيندڙ عنصرن جي روڪٿام ڪن، تڏهن ئي پائيدار امن قائم ٿيندو ۽ مظلومن کي انصاف ملندو.
ڪراچي عاشوري سانحي جي شهيدن جي وارثن کي انصاف ناهي ملي سگهيو: علامه شبير حسن ميثمي
You might also like