جنيد خان پاڪستان انڊر 19 ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي فاسٽ بالر جنيد خان کي پاڪستان انڊر 19 ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب جنيد خان انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جو بالنگ ڪوچ هوندو، جڏهن ته موجوده ڪوچ ريحان رياض خانداني مصروفيتن سبب ورلڊ ڪپ لاءِ دستياب نه هو.
جنيد خان تازو اسلام آباد ريجن جي به ڪوچنگ ڪئي هئي ۽ اسلام آباد جنيد خان جي ڪوچنگ ۾ حنيف محمد ٽرافي کٽي هئي.
واضح رهي ته جنيد خان پاڪستان طرفان 107 انٽرنيشنل ميچن ۾ 189 وڪيٽون ورتيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.