شارجا کان ڪراچي ايندڙ عورت وٽان 92 لک رپين جا قيمتي موبائل فونز برآمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح ايئرپورٽ تي ڪسٽمز قيمتي موبائل فونز جي سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ڪسٽمز جناح ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل ارائيول لانچ تي شارجا کان ايندڙ مسافر عورت وٽان 23 قيمتي موبائل فونز برآمد ڪيا.
ڪسٽمز اختيارين موجب انٽرنيشنل ارائيول لانچ تي شارجا کان ايندڙ عورت مسافر کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، هوءَ عملي کي مطمئن نه ڪري سگهي ته سامان جي اسڪيننگ ڪئي وئي.
اختيارين ٻڌايو ته ليڊي سرچر عورت مسافر جي تلاشي ورتي ته 23 قيمتي موبائل فونز برآمد ٿيا، برآمد ٿيندڙ موبائل فونز جي ماليت 92 لک رپيا آهي.
ڪسٽمز اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪسٽمز ايڪٽ تحت عورت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.