انسٽاگرام نئون فيچر آڻڻ جي تياري ڪري ورتي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) وڊيو ۽ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ پيو وڃي جنهن کي استعمال ڪندي واهپيدارن پنهنجي اسٽوريز تي ٻين واهپيدارن جي پروفائيل شيئر ڪري سگھندا.
اسٽوريز انسٽاگرام جي دنيا جو اهم حصو آهي ۽ ڪمپني پاران ان ۾ بهتري لاءِ نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ جو سلسلو جاري رهندو آهي.
ذريعن موجب انسٽاگرام ان فيچر ۾ پروفائيل شيئرنگ جي سهولت جو اضافو ڪرڻ پيو وڃي جنهن جو مقصد ڪنهن به پروفائيل کي اسٽوريز ۾ شيئر ڪندي فالوورز جي نظرن ۾ آڻڻو پوندو.
ان فيچر کي استعمال ڪندي فالوورز اسٽوريز ۾ شيئر ڪيل پروفائيل سولائي سان ڏسي سگھندا ۽ فالو ڪري سگھندا.
اهو فيچر گمنام ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو جيڪي گھڻي عرصي کان شهرت جا مستحق آهن.
اهو فيچر في الحال آزمائشي مرحلي ۾ آهي ان کي عام واهپيدارن لاءِ جاري نه ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.