ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت هٿيارن جي نمائش، هوائي فائرنگ تي پابندي لاڳو رهندي.
ڪراچي جي ڪمشنر سليم راجپوت قلم 144 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب هٿيارن جي نمائش، هوائي فائرنگ، فائر ڪريڪر هلائڻ تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب پابندي 31 ڊسمبر کان پهرين جنوري 2024 تائين لاڳو رهندي.
واضح رهي ته اها پابندي نئين سال جي موقعي تي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ هنئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.