کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپالي ڪرڪيٽر سنديپ لميچاني تي ڇوڪريءَ سان لڄالٽ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي کيس سزا ٻڌائي ويندي.
کٽمنڊو ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي سنگل بئنچ جي ٻڌل جج ششر راج جمعي تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالتي فيصلي ۾ نيپالي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنديپ لميچاني کي ڇوڪريءَ سان زيادتي جو ڏوهي قرار ڏنو ويو، عدالت موجب زيادتي وقت ڇوڪري نابالغ هئي.
نيپال جي ميڊيا رپورٽ موجب سنديپ لميچاني کي ايندڙ ٻڌڻي تي سزا ٻڌائي ويندي.
واضح رهي ته سنديپ لميچاني پاڪستان سپر ليگ، بگ بيش ليگ ۽ انڊين پريميئر ليگ به کيڏي چڪو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like