ڌوني به پاڪستاني کاڌن جو ديوانو نڪتو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني پاڪستاني کاڌن جو ديوانو نڪتو.
ڌوني جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، جنهن ۾ هو بهترين کاڌن جي شوقين شخص کي پاڪستان وڃڻ جي صلاح ڏئي رهيو آهي.
وڊيو ۾ ايم ايس ڌوني کي خوشگوار موڊ ۾ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو.
هڪ سوال جي جواب ۾ ڌوني چئي ٿو ته ”توهان کي کاڌن لاءِ هڪ ڀيرو پاڪستان ضرور وڃڻ گهرجي“.
واضح رهي ته ايم ايس ڌوني پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 2006 ۾ کيڏيل ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز دوران پاڪستان آيو هو، جڏهن ته هو 2008 ۾ ايشيا ڪپ لاءِ به پاڪستان آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.