ڀارتي ڳائڻي ستيندر ستي جي 50 ڄڻن سان گڏ پاڪستان آمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجابي ڳائڻي ستيندر ستي 50 رڪني وفد سان گڏ ڪرتار پور پهتي.

انتظاميا موجب هنن ڀارتي ڳائڻي ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جي آجيان ڪئي. ستيندر ستي پنهنجي دوري دوران لنگر هال ۾ پنهنجي هٿن سان مانيون پچايون ۽ سڀني سان گڏجي کاڌيون.

ان موقعي تي ڀارتي پنجابي ڳائڻي چيو ته پاڪستان اچي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. پاڪستاني فنڪارن کي ٻڌي سکيو، هتان محبت ملي رهي آهي، پاڪستان حڪومت ۽ دربار انتظاميا جي ميزباني تي سندن ٿورائتي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.