”ن ليگ جا ڪم ڪڍي ڇڏيو ته ملڪ ۾ کنڊرن کانسواءِ ڪجهه ناهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ جا ڪم ڪڍي ڇڏيو ته ملڪ ۾ کنڊرن کانسواءِ ڪجهه ناهي.
پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ٿورائتي آهيان، جن پارٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
هن چيو ڪڏهن نه سوچيو هو ته سياست ۾ اينديس، 2011 ۾ سوشل ميڊيا تان شروعات ٿي، جيتري محنت ڪري سگهيس ڪئي، پوءِ پاناما آيو ۽ سازش شروع ٿي، توهان سان ظلم ۽ زيادتي ٿي ته ميدان ۾ اچي ويس.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي واپسي تي 21 آڪٽوبر تي ماڻهن جو جذبو ڏٺو، ن ليگ جا ڪم ڪڍي ڇڏيو ته پاڪستان ۾ کنڊرن کانسواءِ ڪجهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.