8 فيبروري تي عام چونڊون ناهن، نوجوان ملڪ ۽ قوم جي تقدير تبديل ڪندا: شهباز شريف

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن توهان جي ووٽ سان نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيو ته واعدو آهي رات ڏينهن هڪ ڪنداسين.
شيخوپورا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون ناهن، نوجوان هن ملڪ ۽ قوم جي تقدير تبديل ڪندا، ووٽ وجهڻ وقت توهان کي ڏسڻو آهي ته ان ليڊر جو ماضي ڇا آهي.
هن چيو ته نواز شريف ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، دهشتگردي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو، منهنجي وزرات عظميٰ جي دور ۾ مهانگائي هئي پر اهو عمران خان جي پاليسين جو نتيجو هو، اسان ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، سياست نه رياست جي پرواهه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ڪستو اڃا تائين اسان جي هٿن ۾ آهي، پاڙيسري ملڪ اڳتي نڪري ويا آهن، اهو پاڪستان ناهي، جنهن لاءِ اسان آزادي حاصل ڪئي هئي، جيڪڏهن توهان جي ووٽ سان نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيو ته واعدو آهي رات ڏينهن هڪ ڪنداسين، ملڪ جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.