تيل اگهن تي حڪومت جو غير امڪاني فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ معمولي واڌ بعد جنوري 2024 جي پهرئين اڌ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.

آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي ڪاٿي موجب پيٽرول ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ هڪ رپيو في ليٽر تائين گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي پر حڪومت پيٽرول جي اگهن کي برقرار رکڻ جا سانباها ڪري ورتا آهن.

هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي اگهه ۾ 2 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.