مسافر جهاز پُل جي هيٺان ڦاسي پيو، وڊيو وائرل

سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ وڊيو ڪلپ ۾ واهپيدار اهو ڏسي حيران ٿي ويا آهن ته مسافر جهاز پُل جي هيٺان ڦاٿل آهي.
ميڊيا جي رپورٽن موجب اها وديو ڀارتي رياست بهار جي شهر موتيهاري جي آهي جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته هوائي جهاز پُل جي هيٺان ڦاسي پيو آهي ۽ ان کي ڏسڻ لاءِ شهري گڏ ٿي ويا آهن.
ناڪارا جهاز کي آسام رياست کان بهار منتقل ڪيو پئي ويو. گاڏين جي مدد سان ڇڪي ان کي هڪ پُل جي هيٺان گذارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهو ڦاسي پيو جنهن جي ڪري ٽريفڪ جي رواني به متاثر ٿي.

شهري جو وڏو انگ به اتي موجود هو ۽ ان منظر جي وڊيو بڻائي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.