ديربالا (ويب ديسڪ) ديربالا ۾ ڊاٽسن ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهيءَ ۾ ڪِري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ چار سخت زخمي ٿي پيا.
واقعو ديربالا جي علائقي اسلام ڪوٽ ۾ پيش آيو جتي ڊرائيور برهان الدين کان گاڏي ڪنٽرول مان نڪري وڃي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي.
گاڏيءَ ۾ موجود پنج ڄڻا فوت ۽ چار سخت زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ بيبي زال ولي خان، احسان الله پٽ انور علي، جبران الله پٽ اسلام ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ رحيم شاد، جليل ولي خان ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.
فوتي جا لاش ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دير منتقل ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like