ڪراچي ۾ لڳل بل بورڊز ۽ جهنڊا هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ لڳل بل بورڊز هٽائڻ جي ڪارروائي خلاف درخواست تي ٻڌني ٿي.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيو.
ميئر ڪراچي جي وڪيل جو چوڻ هو ته ڪراچي درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ داخل ڪئي آهي.
جنهن تي عدالت ميئر ڪراچي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ان ڪيس ۾ جلد ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته هن عدالت جي حڪم خلاف سپريم ڪورٽ وڃو، سپريم ڪورٽ ڪڏهن به رولز منظور نه ڪندي، اوهان چاهيو ٿا ته وڏا وڏا بورڊز لڳل رهن، اهي ڪرن ۽ ماڻهو مرن.
جنهن تي ميئر ڪراچي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 15 ڊسمبر تي بل بورڊز خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي، اسان سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪري ڇڏيو آهي ۽ پبلڪ پراپرٽي تان شيءِ هٽائي ڇڏينداسين.
جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هٽايو هر هنڌ بورڊ ئي بورڊ ۽ جهنڊا لڳل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.