ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي جا اڳواڻ پ پ ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) ۽ پاڪستان سرزمين پارٽي جو اڳوڻو اڳواڻ رضا هارون ۽ انيس خان ايڊووڪيٽ پ پ ۾ شامل ٿي ويا.
ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينيئر اڳواڻ انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون لنڊن مان ڪراچي اچڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات کان پوءِ ساٿين سميت پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
آصف علي زرداري انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون کي پ پ ۾ شموليت تي ڀليڪار چيو، ان موقعي تي اڳواڻن وچ ۾ ڪراچي جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ مفاهمتي ماحول جي هٿي جي حوالي سان چارٽر آف ڪراچي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

واضح رهي ته رضا هارون ۽ انيس خان ايڊووڪيٽ 2016ع ۾ ايم ڪيو ايم ڇڏي پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، 2018ع جي چونڊن کان پوءِ ٻئي سياست ۾ سرگرم نه هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.