شاديءَ ۾ پسند جو کاڌو نه ملڻ تي ڄَڃَ واپس موٽي وئي

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ شادي تي مٽن نه کارائڻ تي ڄَڃَ ڪنوار کانسواءِ ئي واپس موٽي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست تلنگانه جي شهر نظام آباد ۾ هڪ شادي ان ڪري رد ٿي وئي ڇو جو گھوٽ خاندان ڇوڪريءَ وارن پاران پيش ڪيل کاڌي مان خوش نه ٿيا.
گھوٽ جي خاندان جو چوڻ هو ته ڇوڪريءَ وارن واعدو ڪيو هو ته هو شادي جي مانيءَ ۾ مٽن هوندو پر کاڌو شروع ٿيڻ تي مينيو ۾ مٽن شامل نه هو.
ان ڳالهه تي جهيڙو ايترو وڌي ويو جو ڇڏ ڇڏان لاءِ پوليس کي گھرايو ويو. مقامي پوليس گھوٽ جي خاندان کي جهيڙو ختم ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندن موقف هو ته ڪنوار جي گھرڀاتين ڄاڻي واڻي کاڌي ۾ مٽن پيش ناهي ڪيو.
گھوٽ جي خاندان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڇوڪريءَ وارن واعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جنهن جي ڪري مهمانن جي سندن توهين ٿي آهي، ان ڪري هو اهو رشتو نٿا ڪرڻ چاهين. ڪنوار جو واسطو ڀارتي شهر نظام آباد جڏهن ته گھوٽ جو جگتيال سان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.