آسٽريليا دورو، ٽيم مئنيجمينٽ رانديگرن جون سختيون وڌائي ڇڏيون

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽيم مئنيجمينٽ آسٽريليا جي دوري دوران رانديگرن جون سختيون وڌائي ڇڏيون.
پي سي بي ذريعن موجب ٽيم ڊائريڪٽر محمد حفيظ طرفان رانديگرن لاءِ نيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
محمد حفيظ رانديگرن تي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ هڻڻ جو به اعلان ڪيو آهي.
ذريعن موجب محمد حفيظ رانديگرن کي وارننگ ڏني آهي ته جيڪو به رانديگر مون کي گرائونڊ ۾ ستل نظر آيو يا چست نظر نه آيو ته ان تي 500 ڊالر ڏنڊ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.