ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ناردن باءِ پاس ڀرسان ٽينٽ سٽي ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي دوران رهواسين ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون جنهن دوران پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ ٻارڙو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
ٽينٽ سٽي ۾ رھندڙ برسات متاثرن کي اٿارڻ لاءِايم ڊي اي انتظاميا ۽ پوليس ڪرين مشينن ذريعي اڏاوتون ڊاھڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران رهواسين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيون جنهن تي پوليس رهواسين تي لٺبازي، شيلنگ ۽ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 12 ورھين جي يونس پٽ مير علي چانڊيو مارجي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، فوتي نينگر جو لاش ۽ زخمي نينگر کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پوليس جي تشدد سبب عورتن ۽ معصوم ٻاررڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.