ڪراچي (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هاءِ بلڊ پريشر ۾ پاڪستان جا 30 لک ماڻهو مبتلا آهن.
ڊاڪٽرن ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته 45 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورتن جي آبادي هن مرض ۾ مبتلا جڏهن ته 18 کان 29 سالن جي عمر جي نوجوانن ۾ 23 سيڪڙو اهو مرض آهي جيڪو غير صحتمند غذائي عادتن ۽ گهٽ ورزش سبب ٿئي ٿو.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ صحتمند خوراڪ جو استعمال، سار سنڀال ۽ رنڊ روڪ لاءِ عوامي آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي.