ڏکڻ آفريقا ڀارت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، پهرين ٽيسٽ ۾ بدترين شڪست

سنچورين (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي اننگز ۽ 32 رنسن سان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي.
سنچورين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ڀارت 245 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا پهرين اننگز ۾ 408 رنسن جو جبل جيڏو اسڪور ڪيو.
ڏکڻ آفريقا طرفان پهرين اننگز ۾ ڪگيسو ربادا 5 شڪار ڪيا، جڏهن ته ڊين ايلگر 185 رنسن جي اننگز کيڏي.
ڀارتي بيٽر ٻي اننگز ۾ به ڏکڻ آفريقي بالنگ اٽيڪ اڳيان بيوس نظر آيا ۽ سموري ٽيم 131 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ويرات ڪوهلي 76 رنسن جي اننگز کيڏي، شبمن گل 26 رنسون ٺاهيون، ٻين رانديگرن مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
ڏکڻ آفريقا طرفان ٻي اننگز ۾ ناندري برگر 4، مارڪو جانسين 3، ڪگيسو ربادا 2 وڪيٽون ورتيون.
ڏکڻ آفريقا ميچ ۾ اننگز ۽ 32 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.