چانهه گھرڻ تي زال مڙس جي اک ۾ قينچي وهائي ڪڍي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو واقعو پيش آيو جتي چانهه گھرڻ تي زال ڪاوڙ ۾ مڙس جي اک ۾ قينچي هڻي کيس زخمي ڪري وڌو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست اترپرديش جي ضلعي باغپت ۾ عورت چانهه جو ڪوپ گھرڻ تي مبينا طور تي پنهنجي مڙس جي اک ۾ ڪينچي ٽنبي ڇڏي ۽ پوءِ کان بچڻ لاءِ اتان فرار ٿي وئي.
پوليس ٻڌايو ته انڪت نالي شخص ٽي سال اڳ عورت سان شادي ڪئي هئي پر ڪجهه عرصي کان پوءِ جوڙي ۾ گھريلو مسئلن تي جهيڙو ٿيندو رهندو هو.
پوليس موجب زال ان واقعي کان ٽي ڏينهن اڳ مڙس ۽ سندس خاندان جي خلاف تشدد جي شڪايت داخل ڪرائي هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته انڪت چانهه گھري جنهن تي زال کي ڪاوڙ آئي ۽ هن سندس اک ۾ قينچي سان وار ڪيو. رڙين جو آواز ٻڌي گھر ۾ موجود ڀاتي ٻاهر نڪري آيا ۽ بعد ۾ پوليس کي اطلاع ڏنو.
پر پوليس جي پهچڻ کان اڳ عورت فرار ٿي وئي هئي، پر پوليس انڪت کي مقامي ميڊيڪل سينٽر ۾ منتقل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.