ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽاڪاناڪي اهڙو ساليانو ميلو آهي جيڪو هر سال 25 ڊسمبر تي پيرو ۾ ملهايو ويندو آهي.
هي ميلو پراڻن تڪرارن کي جهيڙي ذريعي حل ڪرڻ جو طريقو آهي.
هن ميلي ۾ ماڻهو ڊانس به ڪندا آهن ۽ پراڻن تڪرارن کي سرعام وڙهي حل ڪندا آهن، جهيڙيندڙ ڌرين کي سرعام وڙهايو ويندو آهي ۽ جيترو وڻي جهيڙو ڪري هڪ ٻئي کي ڪٽڪو ڏنو ويندو آهي.
هن ميلي ۾ عورتون به ڪنهن کان گهٽ ناهن هونديون ۽ هڪ ٻئي کي سٺو ڪٽڪو ڏينديون آهن.
جهيڙي لاءِ ميدان سجايو ويندو آهي ۽ ماڻهو مڙي ويندا آهن جنهن کي به ڪو مسئلو هوندو آهي اهو مخالف سان سڀني سامهون وڙهندو آهي ۽ هر پاسي اڃا ڪٽ، اڃا ڪٽ جا نعرا لڳندا آهن.
سڄو ڏينهن اها ڪٽ ڪٽان هلندي آهي جنهن ۾ عورتون به هونديون آهن.
خيال رهي ته ان ميلي کي ساڃهه وند چڱو نٿا سمجهن ۽ چون ٿا ته اها رت جي راند آهي ۽ بند ٿيڻ گهرجي.