ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1658 پوئنٽن جي بينڊ ۾ رهيو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي 1188 پوائنٽن جي واڌ سان 62052 تي بند ٿيو.
شيئرز بازار ۾ اڄ 67 ڪروڙ 62 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 20 ارب 27 ڪروڙ رپيا رهي.
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 186 ارب رپيا وڌي 9003 ارب رپيا آهي.
You might also like