ڪهڙن ملڪن ۾ ويزا کانسواءِ سفر ڪري سگھجي ٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن پاڪستاني پاسپورٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جي ڳڻپ دنيا جي ڪمزور ترين پاسپورٽن ۾ ٿيندي آهي، پر ويزا فري رهڻ ڪجهه ملڪن ئي فراهم ڪندا آهن.
پاسپورٽ انڊيڪش موجب پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙن کي 151 ملڪن جو دورو ڪرڻ لاءِ ويزا گھربل آهي، جڏهن ته 36 ملڪن ۾ آمد تي ويزا حاصل ڪري سگھجي ٿي.
ڪجهه ملڪ اليڪٽرانڪ ويزا جي سهولت فراهم ڪندا آهن، پر رڳو 8 ملڪ اهڙا آهن جتي وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت ناهي پوندي.
اچو ته ڄاڻون ٿا ته اُهي ڪهڙا ملڪ آهن جتي اوهان کي وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه آهي؟
پئسفڪ سمنڊ جي هڪ ٻيٽ جي ملڪ مائيڪرونيشيا ۾ 30 ڏينهن تائين ويزا فري رهي سگھجي ٿو.
ڪيريبين سمنڊ جي ويجهو هڪ ننڍو ملڪ سينٽ ونسنٽ اينڊ گريناڊائنز به آهي جتي 90 ڏينهن تائين ويزا کانسواءِ رهڻ جي اجازت آهي.
ڪيريبين جي هڪ ٻئي ملڪ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو ۾ به ويزا کانسواءِ رهڻ ممڪن آهي، پر ترسڻ جو خاص مدو نه آهي.
وانواتو، آسٽريليا جيو ويجهو هڪ جزيري وارو ملڪ آهي، 30 ڏينهن تائين اتي ويزا کانسواءِ رهڻ اجازت آهي.
ڊومينيڪا (ڪيريبين ۾ هڪ جزيري جهڙو ملڪ ) ۾ 180 ڏينهن تائين ويزا کانسواءِ رهڻ ممڪن آهي.
گيمبيا (اولهه آفريقي ملڪ) 90 ڏينهن تائين ويزا فري رهڻ جي آڇ ڪندو آهي.
هڪ ٻيو ڪيريبين جزيري جو ملڪ، هيٽي به 90 ڏينهن تائين ويزا کانسواءِ ترسڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.