خيرپور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي مقابلي ۾ سندس ڀائٽي چونڊ ميدان ۾ اچي وئي، حنا شاهه جيلاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ اڳواڻ قائم علي شاهه جي ڀائٽي حنا شاهه جيلاني پي ايس 26 تي آزاد حيثيت ۾ پنهنجي چاچي سان مقابلو ڪندي.
حنا شاهه چيو ته وڏو سائين بزرگ ٿي ويو آهي پر سيٽ ڇڏڻ جو نالو نه پيو وٺي، هو نه آرام جو سوچي رهيو آهي ۽ نه اسان کي موقعو ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته اسان کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اسان کي پ پ ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان عشق آهي پر ٽڪيٽ نه پئي ڏني وڃي، اسان جو حق آهي ته چونڊون وڙهون، اعليٰ قيادت کي درخواست ڪري رهيا آهيون ته اسان کي ٽڪيٽ ڏئي.
You might also like