نئين سال جي شروعات تي عوام کي ڪهڙي خوشخبري ملندي؟ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پهرين جنوري 2024 کان پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاٿ جو امڪان آهي.
مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ سٺي خبر آهي ته حڪومت پيٽرول جي مد ۾ رليف ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ نئين سال جي شروعات سان ئي پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين جنوري 2024 کان پيٽرول تقريبن هڪ رپيو 72 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي پر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو واڌ ٿي سگهي ٿي، جنهن جو سبب عالمي سطح تي ڊيزل جي اگهن ۾ معمولي واڌ آهي.
ان ايڊجسٽمينٽ تي عمل سان پاڪستان ۾ پيٽرول جي نئين قيمت 262.62 رپيا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت امڪاني واڌ کانپوءِ 277.21 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.
پيٽرول جي اگهه ۾ گهٽتائي گذريل 15 ڏينهن جي جائزي کانپوءِ عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ معمولي گهٽتائي جو نتيجو آهي.
15 ڊسمبر تي اگهه مقرر ڪرڻ کان اڳ برينٽ جي قيمت گهٽ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ٻيهر واڌ ٿي آهي پر هاڻ به 80 ڊالرن کان هيٺ آهي، نومبر جي پڄاڻي تي برينٽ 85 ڊالرن تي هو ۽ ان کانپوءِ هيٺ آيو، تنهن ڪري حڪومت پيٽرول سستو ڪيو هو.
هاڻ ڇو ته اگهه پراڻي سطح تي ناهن آيا ۽ رپيو به مستحڪم آهي ته پيٽرول جي اگهه ۾ معمولي لاٿ جو امڪان آهي.
پيٽروليم شين جا نوان اگهه پهرين جنوري 2024 کان لاڳو ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.