هواوي جي نووا سيريز جون 4 نيون فونز متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني نووا پنهنجي مقبول سيريز نووا جون چار فونز متعارف ڪرايون آهن جنهن مان ٻن فونز کي ڊوئل سيلفي ڪيمراز سان پيش ڪيو ويو آهي.

ڪمپني هواوي نووا 12، نووا 12 لائيٽ، نووا 12 پرو، نووا 12 الٽرا کي متعارف ڪرايو آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته سڀني فونز جي ڪيمراز کي جديد سينسرز ۽ فيچرز سان اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.

شروعاتي ٻن فونز جي بيڪ تي ٻه ڪيمراز ڏنل آهن جنهن ۾ ڪيمرا 50 ميگا پڪسل ۽ ٻي 8 ميگا پڪسل آهي.

ٻنهي فونز کي 8 جي بي ريم ۽ 512 جي بي ميموري سان پيش ڪيو ويو آهي.

نووا 12 پرو ۽ نووا 12 الٽرا ۾ فرنٽ تي ٻه سيلفي ڪيمراز آهن، ڪيمراز 60 ۽ 8 ميگا پڪسل جون آهن، بيڪ تي 50 ميگا پڪسل ۽ ٻي 8 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي.

فونزز ۾ بيٽريون 4600 ايم اي ايڇ جون آهن.

پاڪستان ۾ انهن فونز جو اگهه پاڪستاني ڏيڍ لک رپين کان 2 لک رپين تائين رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.