سنڌ جي فنڪارن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ثقافت واري وزارت ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن لاءِ ٻه نوان قانون تيار ڪري ورتا.
سنڌ جي ثقافت واري وزارت چلڊرين ڊراما انڊسٽري آرڊيننس ۽ سنڌ ايڪٽر رائلٽي آرڊيننس جي نالي سان قانون تيار ڪيا آهن.
ثقافت واري نگران وزير جنيد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڊراما انڊسٽري آرڊيننس تحت ٻارن جا ورڪنگ آور طئي ڪيا ويندا، ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن کي اسڪول جي وقتن ۾ ڪم تي نه گهرايو ويندو ۽ رات دير تائين شوٽنگ ۽ رڪارڊنگ لاءِ نه روڪيو ويندو.
هن چيو ته ٻارن کي اسڪول جي وقت گهرائڻ ۽ دير سان ڇڏڻ تي ڪارروائي ٿيندي، خواهش آهي ته آرٽسٽ ٻار پنهنجو ڪم تعليم سان گڏ جاري رکن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ايڪٽر رائلٽي آرڊيننس تحت فنڪارن کي تحفظ ملندو، فنڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، فلم ۽ ڊرامي جي سوشل ميڊيا ۽ ٻي منافعي مان فنڪارن کي رائلٽي ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.