خيرپور: اڻڄاتل شرپسندن پورهيت جي گھر کي باهه ڏئي ڇڏي، الهه تلهه سڙي رک

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيروپر ڀرسان سنهڙو واهه واري علائقي ۾ اڻڄاتل جوابدارن مبينا طور تي پورهيت جي گھر کي باهه ڏئي ڇڏي.
اڻڄاتل شرپسندن پورهيت عبدالطيف رند جي گهر کي رات دير سان باهه ڏئي فرار ٿي ويا اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ ڪري پورهيت جي گھر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رکي ٿي ويو.
پورهيت عبدالطيف رند صحافين آڏو دانهيندي چيو ته رات جو گهر ڀاتين سميت ستل هئاسين ته اڻڄاتل شرپسند منهنجي گهر کي باهه ڏئي ويا آهن، وڏي ڏکيائي سان گهر ڀاتين جون حياتيون بچايون آهن.
هن چيو ته گهر ۾ 2 نياڻين جو ڏاج، 2 ٻڪريون ،7 ڪڪڙيون، هنڌ بسترا، 8 مڻ ڪڻڪ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي.
متاثر پورهيت خيرپور پوليس کان مطالبو ڪيو ته واقعي جا جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
هن ڊي سي خيرپور سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سخت سرديءَ ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار بڻيل آهيان، واهر ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.