”اسان جي ليول پليئنگ فيلڊ عوام آهي، بلاول کي وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهارينداسين“

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته اسان جي مخالفت ۾ اڄ جيڪي اتحاد ٺهي رهيا آهن، اهي سڀئي آئين، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي جي خلاف آهن.
ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته ڀلي ٻيا ليول پليئنگ فيلڊ لاءِ روئندا وتن پر پ پ جي ليول پليئنگ فيلڊ عوام آهي، اسان عوام جي قوت سان ڪاميابي حاصل ڪنداسين ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجي والده وانگر وزارت عظميٰ جي ڪرسي تي ويهارينداسين.
هن چيو ته اتحاد ٺاهڻ وارا اتحاد ٺاهيندا رهن پر اسان جو اتحاد عوام سان آهي، ڇاڪاڻ ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ چونڊن دوران عوام وٽ وينداسين ته توهان ئي سڀ ڪجهه آهيو، ان لاءِ اسان کي اميد آهي ته عوام پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيندو.
سندس چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت تي آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ملڪ بچايو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت بهترين انتقام آهي وارو فلسفو ڏئي جمهوريت کي مضبوطي ڏني، 8 فيبروري سڄي ملڪ ۾ پ پ جي ڪاميابي جو ڏينهن هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.