شوٽنگ دوران ٻانهن نڪري پئي هئي، ڪنزا هاشمي جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ديسڪ) پاڪستاني اداڪارا ڪنزا هاشمي انڪشاف ڪيو آهي ته ”آزمائش“ ڊرامي جي شوٽنگ دوران سندس ٻانهن نڪري پئي هئي.
اداڪارا ڪنزا هاشمي تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ”آزمائش“ ۾ ڇڪ ڇڪان وارو سين هو آئون چئي رهي هيس ته مون ۾ ايتري همت نه آهي پر چيو ويو ته نه اهو سين ڪرڻو آهي جڏهن سين مڪمل ٿي ويو ته منهنجو هٿ چرڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن تي آئون روئڻ شروع ٿي ويس.
هن ٻڌايو ته ڊائريڪٽر چوڻ لڳو ته اچو ته سين ڪري وٺون جنهن تي آئون کيس روئيندي چيو ته منهنجي ٻانهن ناهي چُري رهي پوءِ مون کي اسپتال کڻي ويا ته ڊاڪٽر به دڙڪا ڏنا ته اوهان شوٽ ڪري رهيا آهيو ته ماڻهن جون ٻانهون ڪڍي رهيا آهيو.
هن چيو ته اسپتال ۾ مون کي انجيڪشن لڳيون آئون ايترو رنس جو دل چوي پئي ته سڀني کي پڪڙي ڪٽڪو ڏيان، ٻن ڏينهن تائين ٿيراپي ٿي جنهن کان پوءِ منهنجي ٻانهن وڃي ٺيڪ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.