ميلبورن ٽيسٽ ۾ واپسي جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين: عبدالله شفيق

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽر عبدالله شفيق چيو آهي ته ميلبورن ٽيسٽ ۾ واپسي جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.
ميلبورن ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 318 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون ۽ ان کي ڪينگروز جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 124 رنسن جي ضرورت آهي.
پاڪستان طرفان عبدالله شفيق 62 رنسن جي اننگز کيڏي، راند جي پڄاڻي تي ڳالهائيندي هن چيو ته وڏي پارٽنرشپ لڳي ها ته ميچ جي صورتحال مختلف هجي ها پر اسان واپسي جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.
هن چيو ته ميچ کٽڻ لاءِ هر رانديگر ڪوشش ڪري رهيو آهي، بابر اعظم بهترين بيٽر آهي پر ميدان ۾ پرفارم نه ڪري سگهيو آهي، هن وقت هو فارم ۾ ناهي، اميد ته ٻي اننگز ۾ سٺو کيڏندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.