خيرپور: ميڻ بتيءَ مان باهه لڳڻ سبب جهوپڙيءَ ۾ ستل نينگر سڙي فوت

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ڀرسان ميڻ بتي مان جهوپڙيءَ کي باهه لڳڻ سبب جهوپڙيءَ ۾ ستل 5 ورهين جو نينگر سڙي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀاءُ سڙي زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ پپري ۾ جهوپڙيءَ ۾ ميڻ بتيءَ مان اوچتو جهوپڙيءَ کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ جوپڙيءَ ۾ ستل نينگر ريحان علي جوڳي سڙي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀاءُ ايان سخت زخمي ٿي پيو.
زخمي نينگر کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته اطلاع تي فائر برگيڊ عملي هڪ ڪلاڪ بعد پهچي باهه تي ضابطو آندو.
ٻي پاسي فوتي نينگر جي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته سندس امڙ کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.