ايم ڪيو ايم جو شهباز شريف لاءِ اين اي 242 تان هٿ نه کڻڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ن ليگ صدر شهباز شريف لاءِ ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 تان هٿ نه کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اين اي 242 تان نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني لاءِ آر او آفيس پهتو ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اين اي 242 مني پاڪستان آهي، ان تڪ ۾ سموري ڪميونٽي جا ماڻهو رهن ٿا.
هن چيو ته ن ليگ سان تڪ 242 تي نه پر وڏي پئماني تي ڳالهه ٿي آهي، ن ليگ جي دوستن سان اسان جا سٺا لاڳاپا آهن، اسان هڪٻئي تي زور زبردستي ناهي ڪئي.
سندس چوڻ هو ته اسان ٽن سالن ۾ اين اي 242 تي وڏو ڪم ڪيو، جيڪڏهن ن ليگ اسان سان ان سيٽ تي مقابلو ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي، اسان اين اي 242 تان هٿ نه پيا کڻون.
واضح رهي ته ن ليگ صدر شهباز شريف اين اي 242 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.