سيٺارجا: ڳڙهي خدا بخش ويندڙ جيالن جي وين سان حادثو، ڊرائيور فوت، 30 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي

سيٺارجا (ويب ڊيسڪ) سيٺارجا ويجهو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀتو جي ورسي تي ويندڙ جيالن جي ڊوم گاڏي ۽وين ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ وين ڊرائيور فوت جڏهن ته 30 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿيا پيا.
شھدادپور کان ڳڙهي خدا بخش محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي لاءِ نڪتل ڊوم گاڏيءَ جو مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙو اسٽاپ وٽ وين سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ وين ڊرائيور محمد جان فوت جڏهن ته 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن ۽ سيٺارجا پوليس پهچي زخمين کي ۾ گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو.
زخمين ۾ محمد سليم، غلام مرتضٰي، الاهي بخش،ريافت، نور محمد، الھڏتو، مير گلاب ٽالپر، نادر خان دزڪاڻي،ڪوڏيجي واسڻ عقيلا، قرت العين۽ ٻيا شامل آهن.
سيٺارجا پوليس موجب فوتي ڊرائيور جو مڙهه اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته زخمين جو علاج هلندڙ آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.