مان عمران خان سان گڏ آهيان: جاويد هاشمي وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ملتان (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو تاريخ ۾ ڪنهن سان ناهي ٿيو، مان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سان گڏ آهيان.
ملتان ۾ نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته جنهن سان زيادتي ٿيندي، مان ان سان گڏ هوندس، مان سمجهان ٿو ته جڏهن اسان جا ليڊر انهن جي مدد سان اقتدار حاصل ڪندا آهن ته پوءِ حڪمرانن کي انهن موجب ئي هلڻو پوندو آهي.
هن چيو ته منهنجي تڪ اين اي 149 جا جيڪي ماڻهو آهن، اهي اسان جا باس آهن، انهن جي سامهون جهولي به جهليندس، جيڪو پاڻ کي طاقتور سمجهندو آهي ان جو مقابلو ڪندو آهيان پر جمهوريت جي جهولي مان پنهنجي تڪ اڳيان جهليندس.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جي رستي ۾ رنڊڪون وڌيون ويون آهن، انهن جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي جيلن ۾ وڌو ويو آهي، انهن جا نامزدگي ڪاغذ توهان نه پيا وٺو، هي هڪ طرفيون چونڊون هونديون پر اسان کي انهن کان اڳتي جي جدوجهد ڪرڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.