ڪنڌڪوٽ: زمين تي پيل مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب ٻه نينگر فوت، ٻه ڄڻا سخت زخمي

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ڀرسان دراني مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ قياس خان ڀيو ۾ زمين تي پيل مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب ٻه نينگر فوت ٿي ويا.
زمين ۾ پيل مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب ڪاٺيون ڪندڙ 9 سالن جو نينگر زوهيب ۽ 13 سالن جو آڪاش ڀيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته عمر ۽ ماجد سخت زخمي ٿي پيا.
وارثن پاران فوتين نينگرن ۽ زخمين کي ڪنڌڪوٽ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان زخمي ماجد ڀيو جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته زمين تي ڪريل مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب واقعو پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.