پ پ اجهي، لٽي ۽ اٽي جا ڪوڙا نعرا هڻي سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي اجھي لٽي جا ڪوڙا نعرا هڻي سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر، ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا آهي، پ پ پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ۽ ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو.
هن چيو ته پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن جي پٺي ۾ خنجر ھڻيندي آهي، زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي نٿي چاهي تہ سنڌ جا ماڻهو ترقي ڪن ۽ خوشحال واري زندگي گذارين، ٻھراڙيون ۾ گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن. لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس جو شڪار آھن. نياڻين جي اعلي تعليم جا دروازا بند آھن. صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. شھر ڪچري جو ڍير بنيل آھن.
اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪو سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر قدرتي وسيلن وارن ضلعن جون ٻھراڙيون گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ زمين جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. پيئڻ جو صاف پاڻي نہ ھجڻ ڪري لکين ماڻھو سنکيو مليل زھريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، جنھنڪري ھيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن. حڪومت ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو منصوبو جوڙي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.