هنوئي (ويب ڊيسڪ) ويتنام جي هڪ ريسٽورنٽ کي خاص سوپ تيار ڪرڻ لاءِ ماهوار300 ٻليون مارڻ تي بند ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ريسٽورنٽ Gia Bao جو 37 ورهين جو مالڪ فام ڪووڪ ڊونا ٻِلين کي پاڻيءَ جي بالٽي ۾ ٻوڙي ماريندو هو ۽ پوءِ انهن جي کل لاهي گوشت ڌار ڪندو هو جنهن ڪجهه گوشت جو سوپ ٺاهيندو هو ۽ ڪجهه گوشت وڪرو ڪري ڇڏيندو هو.
ريسٽورنٽ جي مالڪ جو چوڻ هوته پنهنجي ان ظالماڻي عمل تي ڪڏهن به خوش نه ٿيندو هيس، ٻلين کي ڪُهندي سندس دل ڏکندي هئي ۽ هڪ ڏينهن هن اهو ڪم ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
فام ڪووڪ ڊونه ريسٽورنٽ جي ٻاهران لڳل ٻِليءَ جي سوپ ۽ گوشت وڪرو ڪرڻ پوسٽر ڦاڙي ڇڏيو ۽ پنهنجي قيد مان 20 ٻلين کي آزاد ڪري جانور جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي او جي حوالي ڪري ڇڏيو.
ريسٽورنٽ جي مالڪ اين جي او کي ٻڌايو بليءَ جي سوپ ۽ گوشت جو وڪرو هن گھٽ آمدني جي ڪري شروع ڪيو هو، هو پهريان کائڻ پيئڻ جون عام شيون وڪرو ڪندو هو پر اهي نه هلنديون هيون.
فام ڪووڪ ڊونه وڌيڪ چيو ته عام کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ٿيڻ سان منهنجا خرچ پورا نه پيا ٿين ڇو جو ٻِلي جي گوشت جو ڪو به ريسٽورنٽ نه هو ان ڪري اهو ڪم هلي پيو.
جنهن تي اين جي او ريسٽورنٽ جي مالڪ کي گروسري جو دڪان کولڻ لاءِ گرانٽ ڏني.
فام ڪووڪ اين جو جا ٿورا مڃيندي چيو ته هاڻي آئون پنهنجي دماغ کي پرسڪون محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ وڌيڪ جانورن کي مارڻ کانسواءِ پنهنجي مستقبل بابت پراعتماد ۽ خوش آهيان.
هيومن سوسائٽي انٽرنيشنل موجب رڳو ويتنام ۾ هر سال 10 لک ٻلين کي گوشت حاصل ڪرڻ لاءِ ماريو ويندو آهي جن ۾ چوري ٿيل پالتو ۽ رولو ٻليون به شامل آهن.