عوام ڄاڻي ٿو ته ڏکئي وقت ۾ ڪير ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو: مراد علي شاهه

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نواز شريف ڏيهه واپسي ۾ گهڻي دير ڪري ڇڏي، 8 فيبروري پ پ جي فتح جو ڏينهن آهي.
سيوهڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ڏکئي وقت ۾ ڪير گڏ رهيو ۽ ڪير ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو، پ پ خلاف ماضي ۾ به ڪيترائي اتحاد ٺهيا ۽ ناڪام ٿي ويا.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بشير ميمڻ پوليس وارو آهي، کيس سياست جي گهڻي خبر ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.