اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ملوث نادرا جي 4 اڳوڻن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو.
وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪارروائي ڪندي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ملوث 4 رڪني گروهه کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار نادرا جا اڳوڻا آفيسر آهن.
ايف آءِ اي اختيارين ٻڌايو ته گرفتار جوابدار نادرا ميگا سينٽر اسلام آباد ۾ مقرر هئا، هنن 2019 ۽ 2020 ۾ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا، جوابدار غير قانوني طريقي سان احساس پروگرام جي نالي تي مزدور طبقي کان بائيو ميٽرڪ وٺندا هئا ۽ فيملي ٽري ۾ افغان شهرين جي داخلا ڪندا هئا.
اختيارين چيو ته جوابدار ڏهاڙي کڻندڙ مزدور ۽ نشي جي عادي ماڻهن کي افغان شهرين جو والد ظاهر ڪندا هئا، گرفتار جوابدارن مقرري دوران ڪيترائي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ۽ انهن جي آڙ ۾ وڏي رقم وصول ڪئي.
اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچڻ جو امڪان آهي.
You might also like