هوائي گدلاڻ سان ڇاتيءَ جي ڪينسر جو انڪشاف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته هوائي گدلاڻ دل ۽ ڦڦڙن جي بيمارين کانسواءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو خطرو به وڌائي ٿي.
آمريڪا جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف انوائرنمينٽل هيلٿ سائنسز (اين آءِ اي ايڇ ايس) ۽ نيشنل ڪينسر انسٽيٽيوٽ (اين سي آءِ) جي محققن دريافت ڪيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي واقعن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو انهن عورتن ۾ ڏٺو ويو جنجي گھر جي ويجهو گدلاڻ وڌيڪ هئي.
گدلاڻي ۾ گاڏين جو دونهون، سڙندڙ تيل يا ڪوئلو، ڪاٺيءَ جو دونهون، نباتات جو سڙڻ ۽ صنعتي دونهون شامل آهي، جن مان پيدا ٿيندڙ ذرڙا ايترا ننڍا هوندا آهن جو ڦڦڙڻ ۾ گھرائيءَ تائين ساهه ذريعي داخل ٿي سگھن ٿا.
مطالعي لاءِ محققن اين آءِ ايڇ-اي اي آر پي ڊائيٽ ۽ هيلٿ اسٽڊي جي ڊيٽا جو استعمال ڪيو جنهن ۾ 1995ع ۽ 1996ع جي وچ جي 5 لک کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون شامل هيون جن جو واسطو ڪيليفورنيا، فلوريڊا، پنسلوانيا، نيو جرسي،اتر ڪيرولينا، لوزيانا، اٽلانٽا ۽ ڊيٽرائٽ سان هو.
اين آءِ اي ايڇ ايس ۾ انوائرنمينٽ ايند ڪينسر ايپيڊيمولوجي گروپ جي سربراهه ۽ مطالعي جي ليکڪه اليگزينڊرا وائيٽ چيو ته اسان انهن عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪينسر ۾ 8 سيڪڙو واڌ ڏٺي جن جي علائقن ۾ هوائي گدلاڻ 2.5 کان وڌيڪ هئي. تنهنڪري اهي نتيجا ثابت ڪن ٿا ته هوائي گدلاڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو سبب بڻجي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.