ڄامشوري ۾ روڊ حادثو، ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ۾ هاءِ وي تي ٽريفڪ حادثي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ٽريفڪ حادثو ڄامشوري ۾ انڊس هاءِ وي تي مانجهند ڀرسان پيش آيو، جتي گاڏي ۽ وين ۾ ٽڪر ٿيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.