مالي حالتون خراب هيون، چانهه ٺاهيندو هيس: اڀيشيڪ بچن

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار اڀيشيڪ بچن انڪشاف ڪيو آهي ته خراب مالي حالتن ۾ هو فلم جي سيٽ تي ماڻهن لاءِ چانهه ٺاهيندو هو.
بالي ووڊ جي ليجنڊري اميتاڀ بچن جي پٽ ۽ اداڪار اڀيشيڪ بچن جو هڪ انٽرويو ۾ چوڻ هو ته پيءُ هڪ ڪمپني کولي جيڪا ڏيوالي جو شڪار ٿي وئي. خراب مالي حاتلن سبب ڪاليج جي پڙهائي به اڌ ۾ ڇڏڻي پئي.
اڀيشيڪ بچن انڪشاف ڪيو ته پيسا نه هجڻ سبب فلمن جي سيٽ تي چانهه ٺاهندو هيس. آئون پيسا ڪمائڻ لاءِ پنهنجي دسوت گڏجي فلم جي هڪ اسڪرپٽ لکيو جنهن کي منهنجي پيءُ اميتاڀ بچن رد ڪري ڇڏيو.
اداڪار چيو ته 20 سال اڳ فلم فيئر ايوارڊ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ مهينا اڳ تيار ڪئي ويند يهئي ته ڇا پهريو ويندو ۽ ڪيئن تيار تقريب ۾ شرڪت ڪئي ويندي. مون وٽ نوان ڪپڙا پهرڻ لاءِ پئسا نه هئا ان ڪري ٻه سال اڳ ڀيڻ جي شادي م جيڪا شيرواني پهري هئي اهو پهري ايوارڊ فنڪشن ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.