ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ميلبورن ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان پهرين اننگز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ ان کي آسٽريليا جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 124 رنسون گهربل آهن.
ٻئي ڏينهن آسٽريليا پنهنجي رهيل اننگز 3 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسن کان شروع ڪئي ته پاڪستاني بالرن 131 رنسن جي واڌاري کانپوءِ اننگز جو خاتمو آڻي ڇڏيو، قومي ٽيم جي فاسٽ بالرن پهرئين ئي سيشن ۾ 7 وڪيٽون وٺي ڇڏيون.
پاڪستان طرفان عامر جمال 3، شاهين آفريدي، مير حمزا ۽ حسن علي 2-2، جڏهن ته سلمان علي آغا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، آسٽريليا طرفان مارنس لبوشين 63 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.
آسٽريليا طرفان 318 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان اننگز شروع ڪئي ته امام الحق 10 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، ان موقعي تي عبدالله شفيق ۽ ڪپتان شان مسعود ٻي وڪيٽ لاءِ 90 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، عبدالله شفيق 62 ۽ شان مسعود 54 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.
بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ هڪ رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته سعود شڪيل 9 ۽ سلمان علي آغا 5 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان جو اسڪور 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 تي پهتو ته راند جي پڄاڻي ٿي وئي، محمد رضوان 29 ۽ عامر جمال 2 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا.
آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز 3، نيٿن ليون 2 ۽ جوش هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
Prev Post
You might also like