اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سال 2023 جي آخري مهيني برآمدن ۾ وڏي واڌ ڏٺي وئي، جڏهن ته واپاري خساري ۽ درآمدن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ڊسمبر جي پهرين 20 ڏينهن ۾ سالياني بنيادن تي برآمدن ۾ 33.1 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين کان 20 ڊسمبر تائين برآمدون هڪ ارب 92 ڪروڙ ڊالر رهيون، جڏهن ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ برآمدن جو ڪاٿو هڪ ارب 45 ڪروڙ ڊالر هو.
ذريعن موجب پهرين کان 20 ڊسمبر تائين درآمدن ۾ 12.8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ان دوران درآمدن جو ڪاٿو 2 ارب 76 ڪروڙ ڊالر رهيو، گذريل سال ان عرصي ۾ درآمدن جو ڪاٿو 3 ارب 17 ڪروڙ ڊالر هو، پهرين
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين کان 20 ڊسمبر تائين واپاري خساري ۾ 51.3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، هلندڙ مهيني جي پهرين 20 ڏينهن ۾ واپاري خسارو 84 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال ان عرصي ۾ هڪ ارب 72 ڪروڙ ڊالر هو.
You might also like